آءِ ايم ايف جو بهانو بڻائي حڪمران عوام تي بار وڌائڻ لڳا

لاهور(مبشر لقمان) حڪومت رات پيٽ ۾ تيل اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري غريب عوام تي مهانگائي جو پهاڙ ڪيرائي ڇڏيو آهي، اوگرا هڪ سمري حڪومت ڏني ۽ پوءِ پيٽرول جون قيمتون وڌايون ويون. رات جو پيٽرول پمپن تي ماڻهن جون قطارون لڳيل هيون، اصل ڳالهه اها آهي ته رمضان ۾ وڏيون ڪمپنيون، جيئن پي ايس او، ڏينهن ۾ چوري ڪري رهيون آهن. خدا انهن کان حساب وٺي. حڪومت هن صورتحال مان فائدو ورتو، ملڪ ۾ جتي ايران ۽ اسرائيل جي جنگ ۽ ٻيا واقعا ٿي رهيا آهن، اهو جواز بڻائي قيمتون وڌايون ويون،انهن دعويٰ ڪئي ته آءِ ايم ايف جو زور آهي، پر اهو سچ ناهي. پيٽرول جي قيمت 63  ڊالر في بيرل تي وڌائي وئي، جڏهن ته اهو بيرل اڃا ملڪ ۾ نه پهتو آهي. جڏهن اهو پهچي ويندو، قيمتون چار سئو کان پنج سئو روپيا تائين ٿي سگهن ٿيون.حڪومت جي تجويزن ۾ چيو ويو ته اسڪول بند ڪيا وڃن، ڪم گهر کان ڪيو وڃي، ۽ تيل بچايو وڃي. پر جڏهن پروٽوڪول وارين گاڏين جو تيل مفت آهي، اهي جاري آهي. عوام کان قرباني گهرڻ وارا پاڻ چورين ۾ ملوث آهن.آءِ ايم ايف جو بهانو بڻائي پيٽرول، بجلي ۽ گئس جون قيمتون وڌايون ويون، پر حقيقت ۾ آءِ ايم ايف جو ڪو به زور ناهي. حڪومت عوام کي دوکو ڏئي رهي آهي.ٻيا ملڪ، جيئن بنگلاديش، سريلنڪا، مالديپ، ۽ ڀارت پنهنجي عوام کان چوري نه ڪري رهيا آهن، پر هتي حڪومت آءِ ايم ايف جو بهانو ڪري عوام کي پيسا ڪڍي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.