جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جو فيصلو، تحريڪ انصاف وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ٻڌايل سزائن کي انصاف جي بنيادي اصولن جي خلاف قرار ڏيندي ان کي سياسي انتقام جو تسلسل قرار ڏنو آهي.
پارٽي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن کي منظم انداز ۾ پارٽي ۽ ان جي قيادت خلاف استعمال ڪيو ويو، پارٽي باني عمران خان سميت قيادت ۽ ڪارڪنن کي ڪيس ۾ وچڙائي سياسي عمل کي محدود ڪيو پيو وڃي.
بيان ۾ چيو ويو ته 47 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ پارٽي ان فيصلي خلاف سمورا آئيني ۽ قانوني رستا اختيار ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.