ملڪ رياض جي ويجهي ساٿي ڪرنل (ر) خليل الرحمان کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 10 سال قيد ۽ ڳري ڏنڊ جي سزا

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ جي اهم ڪيس ۾ احتساب عدالت بحريا ٽائون لميٽيڊ جي سي او او ڪرنل (ر) خليل الرحمان کي 1.6 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ثابت ٿيڻ تي 10 سال پورهئي سان گڏ قيد، 25 ملين رپيا ڏنڊ ۽ غير قانوني ملڪيت ضبط ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت قرار ڏنو ته حواله هنڊي ذريعي غير قانوني رقم جي منتقلي ۽ مالياتي نظام کي نقصان پهچائڻ سنگين ڏوهه آهي ۽ رياست اهڙي مالياتي ڏوهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي جاري رکندي.
احتساب عدالت جي جج نصر من الله، خليل الرحمان کي سزا ٻڌائي.
جاچ موجب 2007 کان بحريا ٽائون سان جڙيل رقم مبينا طور هنڊي ذريعي ٻاهر منتقل ٿيندي رهي، ڪيس آگسٽ 2025 ۾ اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي قلمن 3 ۽ 4 تحت داخل ٿيو.
عدالت دستاويزي ثابتين ۽ 12 شاهدن جي شاهدي جي بنياد تي 6 مهينن کان گهٽ عرصي ۾ ٽرائل مڪمل ڪيو، اهو ايف آءِ اي اسلام آباد سرڪل جو پهريون مني لانڊرنگ ٽرائل آهي، جيڪو انجام تي پهتو.
ان ڪيس ۾ ملڪ رياض، علي رياض، شاهد قريشي ۽ ٻيا ماڻهو اڳ ئي عدالت طرفان اشتهاري قرار ڏنا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.