ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شيعا عالمن سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ يومِ علي، يومِ قدس ۽ جمعت الوداع جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقي جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، رياض حسين شاهه شيرازي، سينيٽر وقار مهدي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو شرڪت ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ هن وقت جنگ جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي تنهن ڪري پوري قوم کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن عوام کي موجودا حالتن بابت مناسب رهنمائي ڏني وڃي ته غيرضروري مسئلن کان بچي سگهجي ٿو، شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ علمائن سان مشاورت جو مقصد هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ امن قائم رکڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهم مذهبي ڏينهن جي موقعي تي سيڪيورٽي ۽ انتظامي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو.