آمريڪي جنگي جنون جي ڪري نار وارن ملڪن ۾ ڳڻتي جي لهر، معاشي اپائن تي غور

اسلام آباد/تهران/دبئي (امتياز گل) ايران پاران آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت جي جواب ۾ نار وارن ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن ۽ تيل جي ٺڪاڻن تي سوين ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن. تازي حملي ۾ بحرين جي تيل ريفائنري ۽ قطر ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن کانپوءِ قطر عالمي مارڪيٽ کي ايل اين جي جي فراهمي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايران واضح ڪيو آهي ته جيڪو به ملڪ آمريڪا جو ساٿ ڏيندو، اهو محفوظ نه رهندو. ٻئي طرف، روسي صدر پيوٽن پاران يورپ کي گيس جي فراهمي مڪمل بند ڪرڻ جي ڌمڪي عالمي معيشت ۾ وڏو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران هن وقت اڪيلي سر پوري خطي جي مسلم ملڪن جي آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. تازو انڪشاف ٿيو آهي ته سعودي عرب ۽ قطر ۾ مساد جي ايجنٽن کي گرفتار  ڪيو ويو آهي. اهي ايجنٽ فالس فليگ آپريشن ذريعي بم ڌماڪا ڪري نار وارن ملڪن کي ايران خلاف جنگ ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. اسرائيل جي اها پراڻي پاليسي رهي آهي ته هو پنهنجيون جنگيون ٻين جي ڪلهن تي رکي وڙهندو آهي. آمريڪي ايڊونچرزم جي ڪري نار وارا ملڪ سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، قطر ۾ سخت ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي. اهي ملڪ غور ڪري رهيا آهن ته آمريڪي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، آمريڪي ٽريزري بانڊز مان رقم ڪڍڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. تيل جي خريد ۽ وڪري لاءِ ڊالر تي ڀاڙڻ گهٽائڻ ۽ متبادل ڪرنسي (جهڙوڪ چيني يوان) ڏانهن وڌڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. روسي صدر ولاديمير پوتن يورپي ملڪن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هن اشارو ڏنو آهي ته يورپ پاران نيون پابنديون لڳائڻ جي جواب ۾، روس 2027 تائين انتظار ڪرڻ بدران هن سال ئي گيس جي فراهمي مڪمل بند ڪري سگهي ٿو. روس وٽ هاڻي چين ۽ ٻين ملڪن جي صورت ۾ وڌيڪ پائيدار مارڪيٽون موجود آهن. آمريڪا ۽ اسرائيل جو خيال هو ته هو ايران تي بمباري ڪري کين غزا جيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪندو ، پر اهي ٻه اهم شيون وساري ويٺا ته غزا وٽ ڪجهه به نه هو، پر ايران وٽ ميزائيلن جا ذخيرا، پنهنجي هوائي فوج ۽ وڏا مالي وسيلا آهن. چين ۽ ايران جو ٽيڪنيڪل سهڪار، سيٽلائيٽ گائيڊنس ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ايران جي دفاع کي مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي. دبئي جي ارب پتي سيڙپڪار خلف الحطور ڊونلڊ ٽرمپ کي لکيل کليل خط ۾ اهو سوال اٿاريو آهي ته توهان کي ڪنهن اهو حق ڏنو آهي ته اسان جي علائقي کي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ڪريو؟ جيڪڏهن ايران جي خودمختياري کي نقصان پهچي ٿو، ته پوءِ ترڪي ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جي سلامتي به سواليا نشان بڻجي ويندي، ڇاڪاڻ ته طاقت جو توازن مڪمل طور تي اسرائيل جي حق ۾ هليو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.