اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ذخيرن بابت اوگرا جو اهم بيان اچي ويو.
اوگرا ترجمان چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قومي طلب پوري ڪرڻ لاءِ ذخيرا ڪافي آهن، عوام افواهن تي ڌيان نه ڏئي ۽ غير ضروري خريداري کان پاسو ڪري.
ترجمان چيو ته ذخيرو ڪرڻ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، غير مجاز هنڌن تي پيٽروليم شيون رکندڙن خلاف ايڪشن ٿيندو، رڳو لائسنس يافتا آئل ڊپو ۽ آئل مارڪيٽنگ ريٽيل آئوٽ ليٽس تي ذخيري جي اجازت آهي.
You might also like