لنڊن (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ناليواري گلوڪار بادشاهه جڳ مشهور پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر کي شادي بابت صلاح ڏئي ڇڏي آهي.
گلوڪار بادشاهه اڄڪلهه لنڊن جي دوري تي آهي جتي هن پريس ڪانفرنس دوران مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
گلوڪار کان سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان هانيا عامر سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا؟
جنهن جي جواب ۾ بادشاهه چيو ته ”جڏهن جذبا بدلجندا ۽ پاڪ-ڀارت لاڳاپا بهتر ٿيندا ته هو هانيا عامر سميت ٻين فنڪارن سان به گڏ ڪم ڪرڻ چاهيندو.“
گلوڪار کي ٻڌايو ويو ته اڄڪلهه هانيا عامر جي شادي جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جنهن تي بادشاهه چيو ته جيڪڏهن شادي جون خبرون هلي رهيون آهن ته اها سٺي ڳالهه آهي، شادي ڪرڻ گهرجي، پر منهنجي خيال ۾ اِهو سندس ذاتي معاملو آهي.
ياد رهي ته بادشاهه جو لنڊن جي دي 02 ايرينا ۾ 22 مارچ تي ڪنسرٽ ڪوٺايو ويندو،