سکر-حيدرآباد موٽر وي ۾ دير تي اسان کي وفاقي حڪومت کان اعتراض آهن: مراد شاهه

راڻي پور(ع آ نيوز) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي   خطي ۾ صورتحال هن وقت پريشان ڪندڙ آهي، ايران  تي مڙهيل جنگ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.  وڏي وزير سچل سرمست درگاهه تي حاضري ڏئي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ دعا ڪئي، درازا شريف ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير چيو ته سپريم ليڊر جي شهادت کان پوءِ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي. هن چيو ته  آمريڪي سفارتخانو  بند نه ڪيو ويو آهي، پر ان جي ملازمن کي واپس گهرايو ويو آهي. ڪچي وارن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ هڪ اجلاس جاري آهي، تعمير جلد ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي ۾ دير تي اسان کي وفاقي حڪومت سان اعتراض آهن. هاڻي موٽر وي کي پنجن سيڪٽرن ۾ ورهايو ويو آهي، ٽن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، ۽ باقي ٻن سيڪٽرن تي به جلد شروع ٿيندو. هن چيو ته  پيپلز پارٽي جتي به دهشتگردي ٿئي ٿي ان جي مخالفت ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستاني فوج دهشتگردي جو سختي سان مقابلو ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.