ٽرمپ کي ڪربلا جي تاريخ جي خبر ئي ناهي:اڳوڻو آمريڪي ميرين آفيسر

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي آمريڪي ميرين آفيسر  اسڪاٽ رٽر چيو آهي ته ٽرمپ پنهنجي آفيس ۾ علي خامنائي کي شهيد ٿيڻ جو انتظار ڪندي ماريو. هن کي اهو به خبر ناهي ته شهادت ڇا آهي. هن کي اهو به معلوم ناهي ته حضرت حسين ڪير آهي؟ حضرت علي ڪير آهي؟ هن چيو ته  ٽرمپ کي ڪربلا بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي. هن اهڙن ماڻهن تي جنگ مسلط ڪئي جيڪي هر وقت مرڻ لاءِ تيار آهن. ان جي باوجود، هو پنهنجي ئي ڄار ۾ ڦاٿو ۽ پهريون ميزائل ڪرڻ سان ئي جنگ هارجي وئي،هن چيو ته علي خامنائي کي قتل ڪرڻ اهڙو آهي ڄڻ توهان عيسائين جي اڳواڻ (پوپ) کي قتل ڪيو هجي. جيڪڏهن ٽرمپ جو مقصد ايرانين کي روڊن تي آڻڻ هو، ته ماڻهو ته نڪتا آهن، پر غلط ماڻهو نڪتا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.