تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان ڊگهي جنگ لاءِ تيار آهيون.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب بچاءَ واري وزارت جي ترجمان رضا طلائي نيڪ چيو ته اسان ۾ ان مڙهيل جنگ ۾ دشمن جي منصوبي کان وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين مزاحمت ۽ جارحاڻو دفاع جاري رکڻ جي صلاحيت آهي.
هن چيو ته اڃا تائين اسان پنهنجا جديد ترين هٿيار استعمال ناهن ڪيا.
You might also like