اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف جنگ شروع ڪئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي پامالي ڪري رهيا آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته آمريڪا ايران جي قيادت ۽ اسڪولن تي حملا ڪيا، دنيا جا ڪيترائي ملڪ هاڻ آمريڪا تي اعتماد نه پيا ڪن.
هن چيو آمريڪا غزا ۾ به پيس آف بورڊ ٺاهيو آهي ته جيئن سڄي دنيا ۾ طاقت قائم ڪجي ۽ اهو ادارو گڏيل قومن جي برابر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل جو هدف رڳو ايران نه پر پاڪستان به آهي، پاڪستان کي آمريڪا جي پيس بورڊ کان ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ ايران ۾ اسرائيل جو رستو روڪيو وڃي، اها جنگ رڳو ايران جي نه پر پاڪستان جي جنگ به سمجهي وڃي.
Prev Post
You might also like