”هٿرادو ڏاهپ ملازمتون ختم نه پر پيدا ڪري رهي آهي“

يورپي مرڪزي بينڪ چيو آهي ته هٿرادو ڏاهپ سبب ملازمتن جي خاتمي جو خدشو حقيقت جي ابتڙ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اي آءِ جي وڌندڙ استعمال سان يورو زون ۾ روزگار جي موقعن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي.
بينڪ پنهنجي بلاگ ۾ چيو ته اهو تاثر عام آهي ته هٿرادو ڏاهپ انساني ملازمتن کي ختم ڪري ڇڏيندي پر موجود شاهديون ان جي ابتڙ رجحان ظاهر ڪن ٿيون، جتي اي آءِ استعمال ڪندڙ ڪمپنيون نيون ڀرتيون ڪري رهيون آهن.
يورپي مرڪزي بينڪ جي سروي آن ايڪسس ٽو فنانس آف انٽرپرائزز موجب اهي ادارا جيڪي هٿرادو ڏاهپ جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، ويجهي مستقبل ۾ واڌو عملو ڀرتي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، اهڙي ريت اهي ڪمپنيون جيڪي اي آءِ ۾ سيڙپڪاري جي منصوبابندي ڪري رهيون آهن، روزگار ۾ واڌ ڪري سگهن ٿيون.
بينڪ موجب سراسري طور اي آءِ تي ڀاڙيندڙ ڪمپنيون ملازمن کي ڪڍڻ بدران نيون ڀرتيون ڪن ٿيون ۽ ايندڙ هڪ سال دوران اي آءِ سيڙپڪاري سبب ڀرتين ۾ وقفي جو امڪان به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.