لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) پاپ موسيقيءَ جي ليجنڊ مائيڪل جيڪسن جي ملڪيت هڪ ڀيرو ٻيهر قانوني تڪرار جي وڙ چڙهي وئي ، جتي ڪجهه ماڻهن ٻارن جي سمگلنگ ۽ جنسي استحصال بابت سنگين الزام هڻندي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪيشيچو خاندان سان تعلق رکندڙ ڀيڻ ڀائر ايڊورڊ، ڊومينڪ، ميري نڪول ۽ ايلڊو دعويٰ ڪئي آهي ته مائيڪل جيڪسن کين ننڍي عمر ۾ پنهنجي اثر رسوخ ذريعي ذهني طور قابو ۾ رکيو ۽ سندن استحصال ڪيو.
درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته اهي مبينا واقعا ڪيئي سالن تائين دنيا جي مختلف هنڌن تي پيش ايندا رهيا، جڏهن ته ڪجهه متاثرن جي عمر ست يا اٺ سال هئي.
درخواست موجب، متاثرن جي ملاقات ڳائڻي سان پنهنجي پيءُ ذريعي ٿي، جيڪو هڪ اهڙي هوٽل ۾ ڪم ڪندو هو جتي مائيڪل جيڪسن اڪثر ترسندو هو.
درخواست ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه موقعن تي اهي مبينا ان وقت به پيش آيا جڏهن گلوڪار پنهنجن ٻارن سان گڏ متاثرن جي گهر ويو.
ٻئي پاسي مائيڪل جيڪسن جي ملڪيت واري وڪيل مارٽي سنگر سمورا الزام سختي سان رد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ مالي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.
سندس چوڻ آهي ته ڪيشيچو خاندان ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين پاڻ جيڪسن جي بي ڏوهه هئڻ حمايت ڪندو رهيو ۽ هاڻي اوچتو اهڙا الزام لڳائڻ رڳو وڏي رقم حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي آهي.
وڪيل موجب، جيڪسن جي ملڪيت جي مالي ڪاميابي ۾ واڌ کانپوءِ فريادي ڌر اڳ به وڏي معاوضي جو مطالبو ڪيو هو ۽ ڌمڪي ڏني هئي ته رقم نه ملڻ جي صورت ۾ هو سنگين ثبوت عوام آڏو آڻيندا.
واضح رهي ته ڪيس ۾ فريادي ڌر 20 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ هرجاڻي ۽ ڏنڊ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 5 مارچ 2026 تي ٿيندي.