ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ انگلينڊ خلاف سيمي فائنل جي تيارين جي سلسلي ۾ ڀارتي ٽيم چنڊ گرهڻ سبب پنهنجو ٽريننگ سيشن ملتوي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، ٽيم مئنيجمينٽ روايتي شيڊيول تحت سيمي فائنل کان اڳ شام 6 وڳي پريڪٽس شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو ۽ ڀارتي بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ به ڄاڻايو ويو هو ته ٽيم شام 6 کان 9 وڳي تائين ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ ڪندي.
رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيم جو پريڪٽس سيشن چنڊ گرهڻ سبب ملتوي ڪيو ويو آهي.
گرهڻ منجهند 3 لڳي 20 منٽن تي شروع ٿي شام 6 لڳي 47 منٽن تائين جاري رهندي ۽ هندو مذهبي روايتن موجب گرهڻ دوران ڪنهن به نيڪ يا اهم ڪم کان پاسو ڪيو ويندو آهي، ڇو ته ان کي بُرائي سمجهيو ويندو آهي.
ميڊيا موجب، ٽيم مئنيجمينٽ ۽ رانديگرن صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ته سيمي فائنل جهڙي اهم ميچ کان اڳ هاڪاري شروعات ضروري آهي، تنهنڪري پريڪٽس سيشن هڪ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هڪ ذريعي تصديق ڪندي ٻڌايو ته گرهڻ دوران ڪنهن به سرگرمي کان پاسو ڪرڻ بهتر سمجهيو ويو، تنهنڪري هاڻ ٽريننگ شام 6 لڳي 40 منٽن کانپوءِ شروع ٿيندي.
رپورٽن موجب، ڀارتي ٽيم لاءِ ٽورنامينٽ دوران مذهبي رسمن ۽ عبادتن جو خاص بندوبست ڪيو پيو وڃي ۽ رانديگر مختلف شهرن ۾ ميچن کان اڳ مندرن ۾ حاضري به ڀريندا رهيا آهن.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم سپر ايٽ مرحلي جي آخري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو ۽ هاڻي خميس تي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ سان مقابلو ڪندي، جڏهن ته پهريون سيمي فائنل اڄ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ کيڏيو ويندو.