لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش سان سيريز لاءِ 15 رڪني ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ شاهين آفريدي ون ڊي ٽيم جي قيادت جاري رکندو.
قومي ون ڊي ٽيم مان صائم ايوب، بابر اعظم، فخر زمان، حسيب الله ۽ حسن نواز کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
پي سي بي طرفان سوشل طرفان اعلانيل15 رڪني اسڪواڊ ۾ عبدالصمد، ابرار احمد، فهيم اشرف، فيصل اڪرم، حارث رئوف، حسين طلعت ۽ معاذ صداقت شامل آهن.
ان کانسواءِ محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، محمد غازي غوري، سعد مسعود، صاحبزادا فرحان، سلمان علي آغا ۽ شمائل حسين به اسڪواڊ جو حصو آهن.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز 11 کان 15 مارچ تائين ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي.