اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ڪراچي ۽ لاهور جي قونصل خانن مان آمريڪي عملي کي ڪٽنب سميت نڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني لاءِ ڪا به هدايت جاري نه ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ۾ آمريڪي مشن پنهنجي بيان ۾ وچ اوڀر جي موجوده صورتحال جو حوالو ڏيندي لاهور ۽ ڪراچي ۾ مقرر پنهنجي غير هنگامي سفارتي عملي کي پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.
بيان موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ خطي ۾ ڊرون ۽ ميزائل حملن جا خطرا وڌي ويا آهن، جڏهن ته ڪمرشل اُڏامن جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي.
ياد رهي ته ايران ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن ۾ آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آمريڪا مخالف مظاهرا ڪيا ويا هئا.
آمريڪي مشن جي بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جو خطرو موجود آهي ۽ دهشتگرد بنا اڳواٽ اطلاع جي حملا ڪري سگهن ٿا.
You might also like