ايران ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو پر هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي: ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جي فوجي صلاحيت ۽ قيادت ختم ٿي وئي، هاڻ ايران سان ڳالهين لاءِ گهڻي دير ٿي چڪي آهي.
ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل مختصر بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته” ان (ايران) جو ايئر ڊفينس سسٽم، هوائي ۽ سامونڊي فوج ۽ قيادت ختم ٿي چڪي آهي، هو ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، پر مون چيو ته هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي آهي.“
واضح رهي ته آچر ڏينهن ٽرمپ چيو هو ته هو ايران جي درخواست تي ان جي قيادت سان ڳالهائيندو، پر گڏوگڏ هن آمريڪا ۽ اسرائيل جي بمباري مهم جاري رکڻ ۽ ايراني عوام کان حڪومت خلاف اُٿي بيهڻ جي اپيل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.