پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس ايراني حملن کانپوءِ قبرص ڏانهن دفاعي نظام موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سائپرس جي آفيشل خابرو اداري موجب، فرانس سائپرس (قبرص) کي دفاع لاءِ اينٽي ميزائل ۽ اينٽي ڊرون دفاعي نظام فراهم ڪندو.
فرانس جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته جيڪڏهن ڀائيوار ملڪن مدد جي درخواست ڪئي ته فرانس سندن جي دفاع لاءِ تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر جي بحران سبب متاثر علائقن ۾ اٽڪل 4 لک فرانسي شهري موجود آهن، جن کي واپس آڻڻ لاءِ اُڏامن جو بندوبست ڪرڻ لاءِ فرانس تيار آهي.