ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٻن آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ميرينز ڪراچي قونصليٽ تي هلان ڪندڙ مظاهرين تي فائرنگ ڪئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي اختيارين ٻڌايو ته اهو واضح ناهي ته ميرينز طرفان فائر ڪيل گوليون ڪنهن کي لڳيون يا ڪنهن جي موت جو ڪارڻ بڻيون، اها به ڄاڻ ناهي ته قونصليٽ تي مقرر ٻين سيڪيورٽي اهلڪارن فائرنگ ڪئي يا نه.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪي قونصليٽ جي حفاظت تي مقرر ٻين اهلڪارن ۾ نجي سيڪيورٽي گارڊز ۽ مقامي پوليس شامل آهي، پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته گوليون قونصل خاني جي احاطي اندران هلايو ويون.
ٻئي پاسي آمريڪي ميرينز ڪراچي قونصل خاني واري معاملي تي سوالن جا جواب آمريڪي فوج ڏانهن موڪلي ڇڏيا ۽ آمريڪي فوج ڪراچي قونصليٽ وارو معاملو پرڏيهي کاتي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي پرڏيهي کاتي هن وقت تائين ان حوالي سان ڪو به ردعمل ناهي ڏنو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي تي آمريڪي حملي خلاف شهرين جي وڏي انگ ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ٻاهران مظاهرو ڪيو هو ۽ ان دوران احتجاج ڪندڙن جون پوليس سان چڪريون پڻ ٿيون هيون، مظاهرن دوران فائرنگ سبب 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.