اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف صهيونيت کي انسانيت لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته ايران مٿان جنگ مڙهي وئي آهي ۽ ايجنڊا اسرائيلي اثر کي پاڪستان جي سرحد تائين آڻڻ آهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته اسرائيل جي ٺهڻ کان اڄ تائين اسلامي دنيا تي آيل هر آفت پٺيان صهيوني نظريو آهي، صهيونيت هڪ صديءَ کان عالمي معاشي نظام کي ڪنٽرول ڪري رکيو آهي ۽ وڏيون طاقتون به ان جي اثر هيٺ آهن.
خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ اسان جون هٿيار بند فوجن جي صلاحيت کي دنيا تسليم ڪري ٿي، ايٽمي ڌماڪا ڪري دنيا کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ايٽمي قوت آهي.
هن چيو ته ايران تي جنگ مڙهي وئي آهي ۽ ايجنڊا اسرائيلي اثر کي پاڪستاني سرحد تائين آڻڻ آهي، افغانستان، اسرائيل ۽ ڀارت جي گڏيل ايجنڊا پاڪستان دشمني ٿي سگهي ٿي، قوم کي سازش کي سمجهڻو پوندو.
بچاءَ واري وزير اسلامي دنيا ۾ اتحاد کي وقت جي اهم گهرج قرار ڏيندي دعا ڪئي ته فلسطين آزاد ٿئي ۽ پاڪستان محفوظ رهي.
بعد ۾ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان خواجه آصف الزام لڳايو ته ايران تي حملو ڪري اسرائيلي وزيرِ اعظم بنيامين نيتن ياهو غزا تان بين الاقوامي ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
خواجه آصف چيو ته ”بين الاقوامي ميڊيا جو ڌيان هاڻي ايران تي کتل آهي، جنهن سبب نيتن ياهو کي خاموشيءَ سان غزا ۽ اولهه اردن ۾ قتلام جو موقعو ملي ويو آهي.“
هن الزام لڳايو ته ”نيتن ياهو جي ذاتي شيطاني مقصدن فلسطين ۽ وچ اوڀر کي انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي المئي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.“
نيتن ياهو جي شيطاني مقصدن فلسطين ۽ وچ اوڀر کي تاريخ جي سڀ کان وڏي المئي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي: خواجا آصف
You might also like