افغانستان طرفان مسلسل ڀڃڪڙيون جاري هيون، آپريشن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آڪٽوبر 2025 کان افغانستان طرفان بارڊر تي مسلسل ڀڃڪڙيون جاري هيون ۽ پاڪستان وٽ افغانستان خلاف آپريشن کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هو.
اسلام آباد ۾ سفيرن کي افغانستان ۽ ايران تي بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان سفارتخاري تي يقين رکي ٿو ۽ ڳالهين لاءِ آخري حد تائين ڪوشش ڪئي وئي پر بدقسمتي سان افغانستان ڪيترين ئي دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه آهي.
هن چيو ته اسان وٽ افغانستان مان دهشتگردي جون پڪيون شاهديون موجود آهن ۽ پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو آهي، افغانستان کان اسان جو رڳو هڪ مطالبو هو ته پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏئي، قطر پاڪستان کي درخواست ڪئي ۽ بچاءَ واري وزير کي افغانستان موڪليو ويو پر ان جو ڪو نتيجو نه نڪتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.