هالي ووڊ جوڙي زينڊيا ۽ ٽام هالينڊ جي ڳُجهي شادي ؟ اسٽائلسٽ جي دعويٰ حيران ڪري ڇڏيو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور جوڙي زينڊايا ۽ ٽاپ هالينڊ جي نجي زندگي هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي وئي آهي، جتي هڪ نئين دعويٰ مداحن ۾ جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي ته شايد هي جوڙو مڱڻي کانپوءِ ڳجهي نموني شادي به ڪري چڪو آهي.
اداڪارا جي مشهور اسٽائلسٽ لا روچ پهرين مارچ تي هڪ ايوارڊ تقريب دوران ڳالهائيندي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو.
لا روچ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”شادي ته اڳ ئي ٿي چڪي آهي، اوهان ماڻهو بس ان کان محروم رهجي ويا آهيو.“ رپورٽر طرفان حيرت جو اظهار ڪرڻ تي هن پنهنجي بيان جي ٻيهر تصديق به ڪئي ۽ پوءِ ڳالهه ختم ڪري اڳتي وڌي ويو.
هن بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مداحن ۾تجسس وڌي ويو آهي، پر هن جوڙي جي نمائندن طرفان اڃا تائين هن دعويٰ جي ڪا باضابطا تصديق يا ترديد سامهون ناهي آئي.
ڪيترن مداحن ان ڳالهه کي ساراهيو ته ٻئي ستارا پنهنجي نجي زندگي کي ميڊيا جي نظرن کان پري رکڻ کي ترجيح ڏين ٿا، ڪجهه واهپيدارن اها به نشاندهي ڪئي ته زينڊايا ويجهڙ ۾ مڱڻي واري مُنڊي بدران سادي سُنهري بينڊ ۾ نظر آئي آهي.
ياد رهي ته زينڊايا ۽ ٽام هالينڊ جي پهرين ملاقات 2016ع ۾ فلم” اسپائيڊر مين هوم ڪمنگ“ جي سيٽ تي ٿي هئي.
جولاءِ 2021ع ۾ لاس اينجلس ۾ گڏ نظر ۾ اچڻ کانپوءِ سندن لاڳاپن جون خبرون سامهون آيون، جڏهن ته گذريل سال گولڊن گلوب ايوارڊ تقريب دوران زينڊايا جي آڱر ۾ هيري جي منڊي نظر اچڻ کانپوءِ مڱڻي جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا هئا، جنهن جي بعد ۾ تصديق به ٿي هئي.
ٻئي اداڪار ان کانپوءِ پنهنجو لاڳاپو گهڻو ڪري نجي رکندا پيا اچن ۽ اها ئي خاموشي هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سندن ممڪن ڳجهي شادي بابت خبرن کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.