اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ملڪيت جي تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اهم ريمارڪس ڏنا آهن.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ملڪيت جو تڪرار 1943 ۾ طئي ٿي چڪو هو، ٻئي نسل ان تڪرار کي 2015 ۾ چيلينج ڪيو.
ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ملڪيت ٽين ڌر کي منتقل ناهي ٿي ته دعويٰ ڀلي ڪيتري به پراڻي هجي ٻڌڻي جوڳي ٿي سگهي ٿي.
چيف جسٽس چيو ته خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي ججن جي راءِ آهي ته اهڙي دعويٰ ٻڌڻي جوڳي ناهي جيڪڏهن گهڻي پراڻي هجي، جڏهن ته ڪراچي جي اسان جي ساٿي ججن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن ملڪيت ٽين ڌر تائين منتقل ناهي ٿي ته دعويٰ ٻڌڻي جوڳي ٿي سگهي ٿي، اسان ان مسئلي جي هميشه حل لاءِ هڪ لارجر بينچ ٺاهينداسين.
هن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس ۾ مختلف حقيقتن بابت سوال موجود آهن ۽ مناسب آهي ته شاهدين جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽرائل ڪورٽ ئي ڪيس کي طئي ڪري.
عدالت ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته 6 مهينن اندر ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪري.
واضح رهي ته اهو ڪيس مانسهرا ۾ 10 ايڪڙ ايراضي جي تڪرار بابت آهي.
You might also like