آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون شهيد ٿي ويون آهن، جڏهن ته ايران طرفان جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ وچ اوڀر جون حالتون انتهائي خراب آهن.
جيئن ئي حملن جون خبرون سامهون آيون، سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو ڌيان بلغاريا جي نابين نجومڻ بابا وانگا جي اڳڪٿين ڏانهن ٿي ويو، جيڪا 1996 ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
ڪيترن ئي سالن کان بابا وانگا جون اڳڪٿيون سامهون اچي رهيون آهن، جيڪي هن هر سال لاءِ ڪيون.
کيس مڃيندڙن موجب وانگا اها اڳڪٿي به ڪئي هئي ته 2026 جي منڍ ۾ هڪ عظيم جنگ ٿيندي، جيڪا اوڀر کان شروع ٿيندي ۽ ان جو اشارو اڄ ملي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي ماڻهو آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي جنگ کي بابا وانگا جي اڳڪٿي سان جوڙي رهيا آهن.
وانگا وڌيڪ چيو هو ته اهو تڪرار دنيا جي اولهه حصن کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندو، يورپ ۾ تباهي ايندي ۽ ان جي نتيجي ۾ يورپ جي زمين مڪمل طور بنجر ۽ غير مستحڪم ٿي سگهي ٿي، ان سان وڏي پيماني تي سماجي ۽ معاشي چيلينج پيدا ٿي سگهن ٿا.
گڏوگڏ نجومڻ اڳڪٿي ڪئي هئي ته روس هڪ وڏي عالمي طاقت طور اڀرندو، جيڪو امڪاني طور تڪرارن کانپوءِ عالمي اثر رسوخ جي توازن کي نئين شڪل ڏيندو.
You might also like