اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان گذريل سال معرڪه حق ۾ علائقائي طاقت جو تاثر ٽوڙي ڇڏيو، 26 فيبروري جي رات طالبان رجيم اولهه سرحد تي حملا ڪيا، اسان جي سيڪيورٽي فورسز فيصلائتي قدمن سان واضح ڪري ڇڏيو ته ڪنهن دراندازي کي برداشت نه ڪيو ويندو.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پاڪ فوج جون قربانيون رڳو انگن اکرن تائين محدود ناهن، اسان ميڊيا تي پنهنجي بهادر فوج ۽ ادارن جا ڪارناما فخر سان ڏسندا آهيون پر انهن جي تربيت، محنت ۽ خدمت ۾ شامل پگهر، رت ۽ ڳوڙها ناهيون ڏسي سگهندا.
هن چيو ته قائداعظم اهڙي جمهوريت رياست جو تصور پيش ڪيو، جيڪا آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي قائم هجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي گڏيل آئين ڏنو، شهيد بينظير ڀٽو مثالي قيادت ۽ قرباني سان جمهوري عمل کي مضبوط ڪيو، مان گذريل دور ۾ اصل آئين کي بحال ڪيو، پنهنجا اختيار پارليامينٽ حوالي ڪيا، هي عهدو وفاقي ايڪن وچ ۾ پل ۽ آئيني قانونن جو نگهبان آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن پاڙيسري ملڪ جي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
سيڪيورٽي فورسز واضح ڪري ڇڏيو ته ڪنهن دراندازي کي برداشت نه ڪيو ويندو: صدر آصف زرداري
You might also like