تهران(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن ۾ شهيدن جو انگ وڌي 555 ٿي ويو، جڏهن ته صدر ٽرمپ طرفان ايران کي جنگبندي جي آڇ ڪئي وئي جنهن کي ايران ڪري ڇڏيو آهي.
ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي موجب، آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ڇنڇر کان هينئر تائين ايران تي ڪيل حملن ۾ شهيدن جو انگ 555 ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايراني صوبي يزد ۽ فارس تي حملا ڪيا ويا.
ايراني اختيارين موجب، گذريل ٻن ڏينهن دوران يزد ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 27 ڄڻا شهيد ٿيا آهن.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته فارس صوبي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ 35 ڄڻا شهيد ٿيا.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي جنهن تي ايران آمريڪا سان ڳالهين کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه علي لاريجاني ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪندو.
هڪ ٻئي بيان ۾ علي لاريجاني جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي پاڻ هرتو خيالن وچ اوڀر کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 555 ايراني شهيد، جوهري ٿاڪن تي به حملا، هاڻي ٽرمپ سان ڳالهيون نه ٿينديون: علي لاريجاني
You might also like