امن ڌمڪين يا هٿيارن سان قائم ناهي ٿيندو: پوپ ليو

ويٽيڪن سٽي (م ڊ) ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني اڳواڻ پوپ ليو، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ تي چيو ته هو ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي  حملي کان پوءِ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت پريشان آهي. ويٽيڪن مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾، پوپ ليو (چوٿين) چيو ته ڌرين کي تشدد روڪڻ کي پنهنجي اخلاقي ذميواري سمجهڻ گهرجي، ان کان اڳ جو اهو ناقابل واپسي بڻجي وڃي. تشدد جي وڌندڙ سلسلي کي روڪڻ گهرجي. هن چيو ته امن ۽ استحڪام ڌمڪين يا هٿيارن سان قائم نه ٿيندو آهي، امن حقيقي ۽ ذميوار ڳالهين ذريعي قائم ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.