اسلامي دنيا عظيم رهبر کان محروم ٿي وئي، صيهوني سازشن خلاف متحد ٿيڻو پوندو: شهنشاهه نقوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري مذهبي اسڪالر علامه شهنشاهه نقوي ايراني سپريم ليڊر جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڄ اسلامي دنيا پنهنجي هڪ عظيم رهبر کان محروم ٿي وي.
پنهنجي بيان ۾ علامه شهنشاهه نقوي چيو دشمن سمجهي ٿو ته قيادت جي وڃڻ سان جدوجهد ختم ٿي ويندي پر ايراني قوم ۽ اسلامي دنيا لاءِ پيغام آهي ته اهي پنهنجي جدوجهد جاري رکن.
هن چيو ته اسان کي صيهوني سازشن خلاف متحد ٿيڻو پوندو، عوام گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي کي مضبوط بڻائيندي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪري ۽ دشمن جي سازشن کي ناڪام بڻائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.