ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو آمريڪي قونصل خاني تي احتجاج، جهڙپن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کانپوءِ ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن آمريڪي قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران جهڙپن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب احتجاج ڪندڙن طرفان آمريڪي قونصل خاني تي پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن تي پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ۽ مڇريل ماڻهن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.
ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته آمريڪي قونصل خاني ڀرسان جهڙپن ۾ هيل تائين 9 ڄڻا مارجي چڪا آهن.
سول اسپتال اختيارين موجب ٽراما سينٽر ۾ 9 لاش آندا ويا آهن، جڏهن ته 24 زخمي به اسپتال آندا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.