ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف آپريشن دوران سوين گرفتاريون ڪيون ويون.
ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب اولڊ سٽي ايريا ۾ آپريشن ۾ غير قانوني طور رهندڙ 98 افغانين کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته رهائشي ايڪٽ خلاف ڀڃڪڙي ڪندڙ 61 ڄڻا به گرفتار ڪيا ويا.
هوڏانهن سهراب ڳوٺ ۾ ڪارروائي دوران 20 کان وڌيڪ افغانين کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، ڊفينس جي مختلف علائقن مان به غير قانوني طور رهندڙ 4 افغاني گرفتار ڪيا ويا.
You might also like