ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ڪرن جوهر انڪشاف ڪيو آهي ته انڊسٽري ۾ وفاداري ناهي.
ويجهڙ ڪرن جوهر مقامي ميڊيا کي هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن انڊسٽري سميت اداڪارن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ڪرن جوهر اداڪارن حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هر ٻئي سال ماڻهو هڪ ايجنسي کان ٻي ايجنسي ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿا ۽ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هو هڪ هنڌ تي ئي رهجي ويا آهن.
هن چيو ته هن ڪاروبار ۾ ڪو به ايماندار ناهي ۽ اداڪار هڪ کان ٻئي هنڌ ويندا رهن ٿا.
ڪرن جوهر ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ”توهان پنهنجي زندگي جا ٻه سال ڪنهن ٽيلنٽ کي اُڀارڻ لاءِ خرچ ڪريو ٿا ۽ پوءِ اهو اوچتو ڪنهن ٻئي هنڌ هليو وڃي ٿو، پوءِ کيس نئين جاءِ کي پسند نٿو اچي ۽ واپس اچڻ چاهي ٿو.“
پرڏيهي ميڊيا ميڊيا، موجب فلمساز جو هي ردعمل اداڪارا جھانوي ڪپور جي ڌرما پروڊڪشنز ڇڏڻ ۽ ڪليڪٽو آرٽسٽ نيٽ ورڪ ۾ شامل ٿيڻ کان ڪجهه مهينن کانپوءِ سامهون آيو آهي.
You might also like