بوليويا ۾ ايئر فورس جو جهاز ڪِري تباهه، 20 ڄڻا اجل جو شڪار

سوڪري (ويب ڊيسڪ) بوليويا ۾ ايئر فورس جو جهاز مصروف شاهراهه تي ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب بوليوين ايئر فورس جي استعمال هيٺ سي ون 30 جهاز ال آلٽو انٽرنيشنل ايئر فورس تان اڏام ڀري ۽ ويجهو ئي هڪ مصروف شاهراهه تي گاڏين تي ڪري تباهه ٿي ويو.
اختيارين موجب حادثي ۾ ڪيترين ئي گاڏين کي به نقصان پهتو، جهاز حادثي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا.
اختيارين حادثي جا ڪارڻ ناهن ٻڌايا پر چيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.