تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن تي چيو آهي ته اسان جو ردعمل انتهائي سخت هوندو.
ايراني ۽ پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان تهران، اصفهان، تبريز، قم ۽ ڪرج ۾ حملا ڪيا ويا آهن.
آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي تي سخت موقف اختيار ڪندي ايراني عهديدارن چيو آهي ته ايران جوابي ڪارروائي جي تياري ڪري رهيو آهي، اسان جو ردعمل انتهائي سخت هوندو.
ايراني پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهه چيو ته انهن حملن جي پڄاڻي هاڻ توهان جي اختيار ۾ ناهي رهي.
You might also like