ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ڀرپاسي جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب رينجرز، پوليس ۽ اي ايس ايف جا واڌو دستا ايئرپورٽ جي حدن جي روڊن تي مقرر هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي رڳو مسافرن کي وڃڻ جي اجازت هوندي ۽ انتظاميا طرفان بنا سبب ايئرپورٽ تي اچڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي هيڊ ڪوارٽر ۽ پي آءِ اي سول ايوي ايشن اٿارٽي هيڊ ڪوارٽرز جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب مسافرن کي فلائيٽ لاءِ وقت کان اڳ ايئرپورٽ تي پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڇو ته ايئرپورٽ تي رستي ۾ سخت چيڪنگ سبب وقت لڳي سگهي ٿو.
ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ڀرپاسي جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت، مسافرن کي وقت کان اڳ اچڻ جي هدايت
You might also like