اسلام آباد/لنڊن/دوحا/ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ آمريڪا ايران جي راڄڌاني تهران تي فضائي حملو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ايران طرفان اسرائيل تي وڏي پيماني تي ميزائل ۽ ڊرون حملا شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بحرين، قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي عرب ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
خطي ۾ سلامتي خدشن کي نظر ۾ رکندي دنيا جي وڏين هوائي ڪمپنين وچ اوڀرجي ڪيترن ئي ملڪن لاءِ پنهنجا فضائي آپريشن معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪيئي ايئرلائنز يا ته پنهنجون اُڏامون رد ڪري ڇڏيون آهن يا انهن کي متبادل رستن ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڪمپنين مسافرن کان معذرت ڪندي چيو آهي ته اهي قدم حفاظتي طور تحت کنيا ويا آهن.
پي آءِ اي جو نار ملڪن لاءِ فلائيٽ آپريشن معطل
پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز( پي آءِ اي) نار وارن ملڪن لاءِ پنهنجو هوائي آپريشن فوري طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي آءِ اي جون گڏيل عرب امارتن، بحرين، دوحا ۽ ڪويت لاءِ شيڊيول ڪيل سموريون اُڏامون معطل ڪيون ويون آهن.
پي آءِ اي موجب، اِها معطلي شروعاتي طور سڀاڻي (آچر) شام تائين يا فضائي حدن جي بحالي تائين لاڳو رهندي.
پي آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته سعودي عرب لاءِ شيڊيول اُڏامون پنهنجو آپريشن جاري رکنديون، پر انهن جو روٽ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اهي اڏامون ڊگهن رستن ذريعي منزل تي پهچنديون.
قطر ايئرويز جون دوحا ايندڙ ۽ ويندڙ هڙئي اُڏامون معطل
قطر ايئرويز به تصديق ڪئي آهي ته دوحا ايندڙ ۽ ويندڙ سڀ اُڏامون قطري فضائي حدن جي بندش سبب عارضي طور معطل ڪيون ويون آهن.
ايئرلائن جو چوڻ آهي ته هو سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل اختيارين سان ويجهو رابطي ۾ آهي ته جيئن هن صورتحال سبب متاثر ٿيندڙ مسافرن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي.
اختيارين موجب، جيئن ئي قطر جون هوائي حدون ٻيهر کوليون وينديون ته اُڏامن جو سلسلو بحال ڪيو ويندو.
ڪمپني واضح ڪيو آهي ته معمول جون اُڏامون ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ به شيڊيول ۾ دير ٿي سگهي ٿي.
قطر ايئرويز موجب، حمد انٽرنيشنل ايئرپورٽ سميت ٻين اهم هوائي اڏن تي واڌو عملو مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن متاثر مسافرن جي مدد ڪري سگهجي.
ايئرلائن چيو ته مسافرن ۽ ملازمن جي حفاظت اداري اولين ترجيح آهي، موجودا صورتحال سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به پريشاني تي ڪمپني معذرت خواهه آهي.
امارات (ايمريٽس) جون دبئي ايندڙ ويندڙ اڏامون معطل
ايمريٽس ايئرلائن پنهنجي دبئي ايندڙ ۽ ويندڙ هڙئي اُڏامون عارضي طور معطل ڪري ڇڏيون آهن.
ايئرلائن مسافرن تي زور ڏنو آهي ته هو ايئرپورٽ وڃڻ کان اڳ تازا ترين ڄاڻ حاصل ڪن.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي ۽ لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.
ايمريٽس متاثر مسافرن کان معذرت ڪندي چيو آهي ته کين ٻيهر بُڪنگ، رقم جي واپسي يا متبادل سفري انتظامن ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي.
ورجن اٽلانٽڪ، برٽش ايئرويز، وز ايئر جون اُڏامون به متاثر
ورجن اٽلانٽڪ اعلان ڪيو آهي ته لنڊن هيٿرو کان دبئي ويندڙ اُڏام VS400 رد ڪئي وئي آهي.
ڪمپني خبردار ڪيو آهي ته مالديپ، ڀارت ۽ سعودي عرب ويندڙ اُڏامن کي متبادل رستن سبب وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.
برٽش ايئرويز اربع تائين تل ابيب ۽ بحرين لاءِ اڏامون رد ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته اڄ عمان ويندڙ فلائيٽ به معطل ڪئي وئي آهي.
وز ايئر تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل، دبئي، ابوظهبي ۽ عمان لاءِ سڀ اُڏامون فوري طور معطل ڪيون ويون آهن.
وز ايئر جون سعودي عرب لاءِ اُڏامون اڱاري تائين معطل رهنديون.
اهڙي ريت لفنٿانزا، ايئر انڊيا ۽ ترڪ ايئرلائنز به خطي لاءِ ڪيتريون اُڏامون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.