شاداب کانسواءِ پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني لاءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي: شاهد آفريدي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ساڳيو ڪوچ رهيو ته شاداب خان ئي ڪپتان بڻجندو.
خانگي ٽي وي جي اسپورٽس شو ۾ تبصرو ڪندي شاهد آفريدي چيو ته ” شاداب خان ۽ مائڪ هيسن ڊگهي عرصي کان اسلام آباد يونائيٽيڊ سان گڏ آهن، جيڪڏهن ساڳيو ڪوچ رهيو ته شاداب ئي ڪپتان بڻجي ويندو.“
هن چيو ته ”مون کي نٿو لڳي ته شاداب خان ڪپتاني لاءِ بُري چونڊ آهي، توهان وٽ ٻيو ڪو ڪپتان به ناهي.“
شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته شاداب پاڪستان ٽيم ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو، شاداب خان کي توهان ڪپتان بڻايو پر هن کيس ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ته جيئن ڪنهن کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.