عمر اڪمل پاڻ کي بابر اعظم سان ڀيٽڻ واري بيان تان ڦري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊگهي عرصي کان پاڪستان ٽيم مان ٻاهر مڊل آرڊر بيٽر عمر اڪمل پنهنجي ڀيٽ اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم سان ڪرڻ تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته پاڪستاني بيٽر عمر اڪمل، مسلسل نظر انداز ٿيڻ سبب پنهنجي ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم جي بيٽنگ جا انگ اکر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا هئا.
ڪرڪيٽر طرفان انگ اکر پيش ڪرڻ جي ڪجهه گهڻن ڪلاڪن کانپوءِ عمر اڪمل يوٽرن وٺندي ان کي هڪ مداح جي پوسٽ قرار ڏنو ۽ چيو ته هن رڳو پوسٽ کي ري پوسٽ ڪئي هئي.
عمر اڪمل ايڪس تي لکيو ته ” مان واضع ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجو مقصد ڪڏهن به بابر اعظم سان پنهنجي ڀيٽ ڪرڻ نه هو، بابر اعظم هن وقت دنيا جي سر فهرست بيٽرن منجهان هڪ آهي ۽ مان سندس ڪاميابين جو تمام گهڻو احترام ڪندو آهيان.“
ان کانسواءِ عمر اڪمل چيو ته ” اها ڪائي ڀيٽ نه هئي، پر رڳو فارميٽ ۾ ڪرادار جي مناسبت سان هڪ پوائنٽ آف ويو هو.“
هن وضاحت ڪئي ته “مقصد رڳو اهو ظاهر ڪرڻ هو ته بابر اعظم فطري ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ مڊل آرڊر بيٽر ناهي، ڇو ته اها پوزيشن هن جي بيٽنگ انداز سان نٿي ٺهڪي .“
هن وڌيڪ ته ” اها هڪ پرستار جي پوسٽ هئي جنهن کي هن ري پوسٽ ڪيو ۽ ان ۾ ڄاڻي واڻي ڪنهن به قسم جي ترميم ناهي ڪئي وئي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.