نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڪيٽر رِنڪو سنگهه جو پيءُ ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، رِنڪو جو پيءُ خان چندرا سنگهه جمعي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ مهل گريٽر نوئيڊا جي يَٿارٿ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، هو جِگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو، رِنڪو سنگهه جي پيءُ جي لاڏاڻي تي ڪرڪيٽ حلقن ۽ مداحن طرفان ڏُک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سُپر ايٽ مرحلي ۾ ڀارت زمبابوي کي 72 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي سيمي فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
You might also like