پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪ-افغان سرحدي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڪيپٽل سٽي پوليس پشاور ضلعي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي پوليس چوڪين تي اينٽي ڊرون گنز کي فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهر جي اچ وڃ وارن رستن تي سخت چيڪنگ وڌيڪ اثرائتي بڻائي وئي آهي.
پشاور سٽي پوليس جي ترجمان موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڀرپور هم آهنگي جاري آهي ته جيئن ڪنهن به اڻوندڙ واقعي کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي.
ترجمان موجب، جمعي نماز جي موقعي تي حساس هنڌن ۽ مسجدن جي سيڪيورٽي خاص طور تي سخت رکي وئي، جڏهن ته ڊويزنل ايس پيز ۽ ايس ڊي پي اوز سڌي ريت انتظامن جي نگراني ڪري رهيا آهن.
تجارتي مرڪزن ۽ بازارن ۾ امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس گشت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خاص موبائل ٽيمون پڻ جوڙي ويون آهن، اهم شاهراهن تي بڪتر بند گاڏيون، ايليٽ فورس، سٽي پيٽرولنگ اسڪواڊ، ابابيل اسڪواڊ ۽ مقامي پوليس هر وقت گشت ڪري رهي آهي.
ان کانسواءِ سڄي شهر ۾ سنيپ چيڪنگ ۽ ناڪابندين دوران گاڏين ۽ موٽر سائيڪل سوارن جي سخت نگراني جاري آهي. امن امان جي بحالي لاءِ ضلعي ۾ سرچ اينڊ اسٽرائيڪ آپريشنز به لڳاتار جاري آهن.
ڪيپٽل سٽي پوليس پشاور جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڙئي دستياب وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.