اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته رڳو قبضي يا ڊگهو عرصو زمين رکڻ سان ملڪيت ثابت ناهي ٿي ويندي.
سپريم ڪورٽ 1992 ۾ مبينا زباني معاهدي تي زمين جي منتقلي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس شاهد بلال حسن جاري ڪيل لکت فيصلي ۾ قرار ڏنو ته رڳو قبضي يا ڊگهو عرصو زمين رکڻ سان ملڪيت ثابت ناهي ٿيدي، زباني معاهدن جي ڪيسن ۾ ثبوتن جو سخت معيار لاڳو ٿيندو آهي.
عدالت درخواستگذار غلام علي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ۽ ٽرائل ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته 1992 جو مبينا زباني معاهدو قانون موجب ثابت نه ڪيو ويو، زباني معاهدو ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخ، وقت، هنڌ، شرط ۽ شاهدن جا تفصيل لازمي آهن، عدالتي موقف کان هٽي شاهديون قبولڻ جوڳيون ناهن.
سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ته فريادين موجب 1992 ۾ سندن والد جي قتل جي ڪيس ۾ جوابدار جي بريت کانپوءِ صلح ٿي، دعويٰ ڪئي وئي ته جرڳي ۾ فيصلو ٿيو ته غلام علي 32 ڪنال زمين ڏيندو، صلح کانپوءِ زمين جو قبضو به فريادين کي ڏنو ويو هو، جڏهن ته 2016 ۾ غلام علي منتقلي رجسٽرڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ سمورا اڳوڻا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته زباني معاهدي کي قانوني گهرجن موجب ثابت نه ڪيو ويو، تنهن ڪري زمين جي منتقلي جو حڪم برقرار نٿو رکي سگهجي.
You might also like