هٿرادو ڏاهپ ذريعي گوگل ميپس کي بدلائڻ جون تياريون

ويجهڙ وارن مهينن دوران گوگل جو ”نينو بنانا“ اميج جنريٽر تمام گهڻو مشهور ٿيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ گوگل جي جيمنائي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ماڊل واهپيدارن جي انگ ۾ به واڌارو ٿيو آهي.
گوگل به هن اميج جنريٽر جي مقبوليت کان واقف آهي ۽ انهيءَ ڪري ڪمپني طرفان ان کي پنهنجي هڪ ٻي مشهور ايپ گوگل ميپس جو حصو بڻائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
عام طور ٻڌڻ ۾ اهو عجيب لڳي ٿو ته هڪ نيويگيشن ايپ ۾ اي آءِ اميج جنريٽر شامل ڪيو وڃي، پر هڪ رپورٽ موجب گوگل اهڙو قدم کڻي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گوگل ميپس جي جديد ورزن جي ڪوڊ مان اشارو مليو آهي ته نينو بنانا کي ميپس جو حصو بڻايو پيو وڃي.
جيڪڏهن توهان سوچيو پيا ته آخر نينو بنانا کي گوگل ميپس ۾ ڪيئن استعمال ڪيو ويندو ته توهان ان کي امڪاني طور اسٽريٽ ۾ موجود جاين جون تصويرون ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.
رپورٽ موجب، نينو بنانا سان اهي جايون وڌيڪ نئين انداز ۾ نظر اينديون، جنهن جو دارومدار توهان جي لکت ۾ ڏنل هدايتن تي هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.