اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سڀني گروپن ۾ هزارين اختلاف آهن پر هڪ معاملي تي متفق آهن ته عمران خان اندر رهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته ڪي پي حڪومت عمران خان لاءِ آزادي فورس ٺاهيندي پر دهشتگردن خلاف وات نه کوليندي، ڪي پي حڪومت شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت کان پاسو ڪندي.
هن چيو ته روز پوليس جون شهادتون ٿي رهيون آهن پر پي ٽي آءِ باني پهرين ۽ آخري ترجيح آهي، باقي سڀ بي معنيٰ آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪي سلامتي جي ڪا اهميت ناهي، ٻاهر ويٺل يوٽيوبرن جو ڌنڌو عروج تي آهي، اندر ويٺل هڪٻئي کي گاريون ڏئي رهيا آهن، ڪنهن کي خبر ناهي ته ان سياسي جماعت جا ڪيترا ٽڪرا آهن، پي ٽي آءِ جي سڀني گروپن ۾ هزارين اختلاف پر هڪ معاملي تي متفق آهن ته عمران خان اندر رهي.
پي ٽي آءِ ۾ هزارين اختلاف پر هڪ معاملي تي سڀ متفق آهن ته عمران خان اندر رهي: خواجا آصف
Prev Post
You might also like