اسلام آباد (بيورو) باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀيڻ عليما خان اڳوڻي وزيراعظم جي صحت بابت پارٽي جي رويي ۽ ڪردار تي سوال اٿاريندي سخت تنقيد ڪندي ۽ چيو آهي ته هاڻي بس گهڻو ٿي چڪو آهي، جيڪو باني پي ٽي آءِ جي بيانيي جو بار نٿو کڻي سگهي، اهو پاسو ڪري، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته پارٽي کي اهو حق ناهي ته باني جي صحت بابت فيصلا ڪري، صحت سان لاڳاپيل فيصلو ڪرڻ پارٽي جو نه پر اسان جو مينڊيٽ آهي ۽ هاڻي باني جي صحت بابت ڪو به فيصلو اسان جي اجازت کانسواءِ نه ڪيو ويندو، هن چيو ته محسن نقوي کان معلوم ٿيو ته بئرسٽر گوهر به جيل وڃي رهيو هو پر بئريسٽر گوهر پاڻ اهو نه ٻڌايو، پارٽي کي باني پي ٽي آءِ جي علاج لاءِ وڙهڻ گهرجي ها، پر صحت بابت جيڪي فيصلا ڪيا ويا، اهي اسان کان لِڪايا ويا، پارٽي کي روڪيو ويو ته اسان جي مشاورت يا اجازت کان سواءِ صحت بابت ڪو به قدم نه کنيو وڃي، عليمه خان چيو ته باني پيٽي آءِ سينيئر وڪيلن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪيسن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرايو وڃي، هن وقت ٽڪيٽ هولڊرز ۽ سينيئر وڪيل منظر تان غائب نظر اچي رهيا آهن، سينيئر قانون دان ڪٿي آهن ۽ پارٽي قيادت هن وقت ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، عليمه خان سينيئر وڪيلن لطيف کوسا ۽ حامد خان جا نالا کڻندي پڇيو ته اهي ڪٿي آهن، جڏهن ته هن چيئرمين پي ٽي آءِ گوهر علي خان تي به تنقيد ڪندي چيو ته پارٽي قيادت هن وقت متحرڪ ڇو نظر نٿي اچي، هن زور ڀريو ته باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت ايندڙ وقت ۾ ڪو به فيصلو خاندان جي اجازت کان سواءِ نه ٿيڻ گهرجي، هن اهو به چيو ته جيڪڏهن ڪنهن علاج ۾ رڪاوٽ جو الزام لڳايو آهي ته ان جي وضاحت ڪئي وڃي، عليمه خان وڌيڪ چيو ته باني جي فيملي کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اڊيالا جيل ٻاهران کين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته ٻيا ماڻهو خاموش ويٺا آهن، هو پنهنجي ڀاءُ لاءِ قانوني ۽ سياسي جدوجهد جاري رکندي.
-
ڊاڪٽر جي نالي تي اتفاق نه ٿيڻ سبب عمران جي اسپتال منتقلي نه ٿيڻ جو انڪشاف
اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ذريعن چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ تيار هئي. ذريعن ٻڌايو ته اپوزيشن جو مطالبو هو ته عمران خان کي گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن شفا اسپتال ۾ رکيو وڃي، حڪومت پي ٽي آءِ جي باني کي مڪمل علاج تائين شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ رکڻ لاءِ تيار هئي. پارٽي ذريعن موجب، حڪومت جو شرط هو ته علاج بابت معلومات ظاهر نه ڪئي ويندي ۽ ڪارڪنن کي نه سڏيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي اسپتال منتقلي لاءِ انتظام جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات ڪيا ويا هئا، ۽ عمران خان ۽ پارٽي قيادت لاءِ گاڏيون به تيار هيون. پارٽي ذريعن موجب، عمران خان جي ڀينرن سان رابطو ڪيو ويو ۽ خاندان کان نالا گهريا ويا. ڊاڪٽر عاصم ۽ ڊاڪٽر عظميٰ جا نالا باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن پاران ڏنا ويا هئا. حڪومت باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن پاران ڏنل نالن کي قبول نه ڪيو، ۽ ڊاڪٽر برڪي جو نالو ڏنو ويو. ذريعن موجب، حڪومت ڊاڪٽر برڪي جو نالو به رد ڪري ڇڏيو، جنهن تي عمران خان جون ڀينرون ناراض ٿيون. باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن کي ٻڌايو ويو ته حڪومت قاسم زمان جو نالو ڏنو آهي. قاسم زمان ۽ باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن حڪومت پاران ڏنل نالي تي خدشا ظاهر ڪيا. پارٽي ذريعن چيو ته جڏهن نالي تي ڪو به اتفاق نه ٿيو ته حڪومت آچر جي رات چيو ته اسپتال منتقلي هاڻي ممڪن ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت پمز جي ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪئي. پارٽي قيادت قسم کنيو ته ڊاڪٽرن سان ملاقات جي تفصيل کي عام نه ڪيو ويندو.
-
عمران کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي هڪ ميمبر اسيمبلي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اکين جي بيماري بابت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي ۽ عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته عمران خان کي اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر سردار لطيف کوسا پنهنجي درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کان درخواست ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ سندس اکين جو اکين جي ڊاڪٽر کان معائنو ڪرايو وڃي. درخواست ۾ اهو به درخواست ڪئي وئي آهي ته عمران خان جي ذاتي معالج ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ عاصم يوسف کي به عمران خان تائين رسائي ڏني وڃي. ان کان اڳ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو ته سندس خاندان عمران خان جي صحت بابت سخت پريشان آهي .