ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر هائوس ۾ رمضان المبارڪ جي موقعي تي ”اميد رمضان“ جي عنوان سان ستين افطار ۽ ڊنر جو انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ خليجي برادر ملڪن جي قونصل جنرلز، سياسي، مذهبي ۽ سماجي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته سڀني رمضان جو ستين ڏينهن گڏجي ادا ڪيو، سنڌ ۾ رهندڙ سموريون قوميتون، سنڌي، بلوچي، پنجابي، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ مهاجر برادري مون لاءِ برابر آهن ۽ هو انهن جي سڀني مسئلن جي حل لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو، گورنر هائوس جا دروازا هميشه عوام لاءِ کليل رهندا ۽ عوامي خدمت جو سفر جاري رهندو،اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون، سازشون ٿينديون آهن پر ڪاميابي هميشه عوامي خدمت جي ڪوشش ھوندي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو ورهاڱي جي سياست تي يقين نٿو رکي ۽ هر ڪنهن کي پاڪستاني سمجهي ٿو، سنڌ جو هارايل ماڻهو سندس دل جي ويجهو آهي، پر ڪجهه عنصر قومپرستي جي نالي تي سياست چمڪائڻ چاهين ٿا، هن خوشگوار انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن قادر مگسي گورنر هائوس ايندو ته کيس پڪوڙا کارايا ويندا ۽ جيڪڏهن هو رمضان کان پوءِ ايندو ته حليم ۽ جليبيون پيش ڪيون وينديون.