لاهور(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله فائر وال بابت چيو آهي ته 40 ارب لڳن يا 400 ارب، هن معاملي تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نٿو ٿي سگهي۔تفصيل موجب، سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل فائر وال منصوبي جي ناڪامي سبب ملڪي معيشت کي 847 ارب رپين جو نقصان پهچڻ باوجود رانا ثناءُالله وڌيڪ اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن فائر وال ناڪام ٿي ته ٻيهر تيار ڪئي ويندي، ٻيهر ناڪام ٿي ته ٽين ڀيري ٺاهي ويندي۔ هن چيو ته جيڪڏهن فائر وال ڪري پئي آهي ته ان کي ٻيهر اڏينداسين ۽ جيڪي به خاميون آهن سي دور ڪيون وينديون۔