بالنگ ايڪشن سبب ڪي پي جي مشهور نينگري آئينا وزير راند ڇڏي ڏني!

پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي قبائلي علائقي ۾ پنهنجي بالنگ سبب مشهوري ماڻيندڙ آئينا وزير جو ڪيريئر به دهشت گردي سبب ختم ٿيڻ جي ويجهو پهتو آهي، آئينا وزير پاران هاڻ ڪرڪيٽ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي ٽي وي پروگرام ۾  انڪشاف ڪيو آهي ته آئينا وزير جو خاندان تمام گهڻو ڊڄي ويو آهي. هاڻي هي ڇوڪري ٻيهر ڪرڪيٽ نه کيڏندي. گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن وزيرستان جي هڪ باصلاحيت ڇوڪري آئينا وزير کي پشاور فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته هو محسن نقوي کي درخواست ڪرڻ چاهي ٿو ته ڇوڪري کي باقاعده تربيت ڏئي ته جيئن هوءَ پنهنجي صلاحيتن کي نکاري سگهي ۽ پاڪستان کي شان ڏئي سگهي. گورنر خيبر پختونخوا جي مطابق، آئينا وزير ۾ بيشمار صلاحيت آهي ۽ جيڪڏهن کيس مناسب تربيت ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هوءَ قومي سطح تي هڪ اهم مقام حاصل ڪري سگهي ٿي. بهرحال، هاڻي کيس پيغام مليو آهي ته آئينا وزير جو خاندان تمام گهڻو ڊڄي ويو آهي. هن انڪشاف ڪيو ته خاندان واضح طور تي چيو آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، آئينا وزير ٻيهر ڪرڪيٽ نه کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.