سلمان آغا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪپتان نه رهندو: محمد عامر

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد عامر اڳڪٿي ڪئي آهي ته سلمان علي آغا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪپتان نه رهندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ محمد عامر نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ سلمان علي آغا کان ڪپتاني واپس وٺڻ بابت اڳڪٿي ڪئي.
ميزبان سوال ڪيو ته ڇا موجوده ڪپتان برقرار رهندو يا تبديليون اچي سگهن ٿيون؟
جواب ۾ محمد عامر چيو ته منهنجي خيال ۾ سلمان علي آغا هن ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪپتان نه رهندو ۽ منهنجي راءِ ۾ هن وقت ڪو ٻيو ان جو حقدار به ناهي، جهڙيون حالتون آهن مون کي هن وقت ڪو مناسب متبادل نظر نه پيو اچي.
هن چيو مون کي اهو به يقين آهي ته ڪيترن ئي رانديگرن لاءِ هي ورلڊ ڪپ آخري هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.