پي ٽي آءِ کي ڀت سان نه لڳايو: مشاهد حسين

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته ملڪ کي ”ڏنڊي“ نه پر ”هيلنگ ٽچ“ جي ضرورت آهي،پاڪستان کي سختي بدران مذاڪرات ۽ مفاهمت جي ضرورت آهي،پي ٽي آءِ  جهڙي وڏي عوامي سياسي قوت کي ڀت سان لڳائڻ بدران قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته پاڪستان جي افغان پاليسي هڪ تاريخي موڙ تي آهي،ماضي ۾ افغان طالبان کي ”پنهنجا ڇوڪرا“ سمجهيو ويندو هو.هاڻي موجوده عسڪري قيادت پراڻي ”اسٽريٽجڪ ڊيپٿ“ سوچ کان لاتعلقي اختيار ڪئي آهي،هن چيو ته ٽرمپ ايران سان جنگ بدران ؟ڊيل“ کي ترجيح ڏيندو.ايران ڪو ڪمزور ملڪ ناهي؛ وڏي آبادي ۽ مضبوط رياستي ڍانچي وارو ملڪ آهي.هن چيو ته بلوچستان ۾ ”انڊيا-اسرائيل ڳٺ جوڙ“ هڪ خطرو بڻجي رهيو آهي.واشنگٽن ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ  بلوچ اسٽڊيز پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي.مقصد مبينا طور پاڪستان ۽ ايران جي بلوچ علائقن ۾ بيچيني وڌائڻ آهي.هن چيو ته بلوچستان جو حل فوجي آپريشن نه، پر سياسي ڊائلاگ آهي.جيڪڏهن ووٽ جو آواز نه ٻڌو ويندو ته بيچيني وڌندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.