ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا پاران عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪيل فيصلا وقت جي ضرورت آهن، ۽ توانائي جي ضابطي، سماجي خدمتن جي تعاون، ترقياتي منصوبن ۽ ڪاروباري ماحول ۾ سڌارن جهڙا قدم صوبي کي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندا. هڪ بيان ۾، هن چيو ته سيپرا بابت فيصلو ضروري هو ته جيئن بجلي جي شعبي ۾ شفافيت وڌي . آٽزم بحالي جي خدمتن ۾ بلوچستان سان تعاون بين الصوبائي هم آهنگي لاءِ هڪ مثبت قدم آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿر ريل ڪنيڪٽوٽي پروجيڪٽ ملڪ جي معيشت ۽ مقامي رهواسين لاءِ هڪ بنيادي تبديلي آهي. ٿر ريل ڪنيڪٽوٽي پروجيڪٽ ڪوئلي جي چرپر کي بهتر بڻائيندو ۽ معاشي سرگرمين ۾ اضافو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته وومين ايگريڪلچر ورڪرز رولز 2026 عورتن جي بهتري ۽ برابر موقعن لاءِ تيار ڪيا ويا آهن، ۽ عورتن جي حقن جو تحفظ هميشه سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح رهي آهي.