اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته اسان جي حڪمران طبقي قرض وٺي وٺي ملڪ کي ايتري قدر نقصان پهچايو آهي، اهو پئسو غربين جي کيسن ۾ ته ناهي ويو، البته ان جو ڪجهه حصو دفاعي خرچن تي خرچ ٿيو جيڪو ضروري به آهي، هن چيو ته باقي انهن حڪمرانن ڦرلٽ ڪري پنهنجون جائيدادون دبئي، قطر، لنڊن ۽ پرتگال ۾ ٺاهيون آهن، عوام جي حصي ۾ ڪجهه به ناهي آيو، اينڪر محمد مالڪ چيو آهي ته قيامت ته جڏهن اچي پر جڏهن ماڻهو پنهنجا ٻار وڪڻي رهيا هجن، بجلي جا بل ڏيڻ لاءِ زيور وڪڻي رهيا هجن ۽ حڪمران 11 ارب رپين جا جهاز وٺي رهيا هجن ته ان ۾ غريب طبقي لاءِ قيامت ئي آهي، هن چيو ته ڳالهه اتي ناهي رڪي، هاڻي ڪاموراشاهي جي عياشين ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پيو وڃي، پنجاب ۾ ڪامورن لاءِ نئين ٽرانسپورٽ آءِ آهي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي لاءِ هڪ سرڪاري گاڏي، هڪ سياحتي گاڏي ۽ هڪ ذاتي استعمال لاءِ گاڏي ڏني وئي آهي، سرڪاري گاڏي 2800 سي سي، سياحتي گاڏي 8 کان 12 ڪروڙ واري 4700 لينڊڪروزر، ذاتي استعمال لاءِ 2800 گاڏي ڏني وئي آهي، ذاتي استعمال لاءِ 300 ليٽر پيٽرول، سرڪاري لاءِ 500 ليٽرڏنو ويو آهي، گريڊ 17 جي آفيسرن کي 1300 سي سي گاڏيون ڏنل آهن ٻئي پاسي ڀارت جنهن جي معيشت اسان کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي اتي جوائنٽ سيڪريٽري کي 6 لک انڊين رپين واري گاڏي مليل آهي، بنگلاديش ۾ 50 هزار ٽڪن واري گاڏي سرڪاري آفيسر کي مليل آهي، جيڪي پاڪستاني رپين ۾ هڪ لک 14 هزارن جي بڻجي ٿي، سرڪاري آفيسر کي ڊرائيور ۽ تيل جو خرچ پاڻ برداشت ڪرڻو پوندو، ذاتي استعمال لاءِ اتي آفيسر کي قرض ڏنو ويندو آهي، اسان جي آفيسرن کي مليل سهولتون آمريڪا، برطانيا ۽ ترڪيه ۾ به نه مليل آهن، اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو ته ڀارت ۾ آءِ ايم ايف ان ڪري خبرن ۾ ناهي، پاڪستان ۾ ججن، جنرلن، ڪامورن، سياستدانن کي مراعتن تي غور ڪري علائقائي سطح جي معيارن مطابق آڻڻ گهرجي
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي برقرار،ٻن مهينن ۾ 33 ڪروڙ ڊالر نڪري ويا
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاڳيتو ٻاڙائي جو رجحان جاري آهي.اڱاري ڏينهن 100 انڊيڪس ۾ وڌيڪ 1433 پوائنٽن جي گهٽتائي ٿي، جنهن بعد انڊيڪس 166,258 پوائنٽن تائين ڪري پئي. گذريل مهيني جي آخري هفتي کان وٺي مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي جو رجحان غالب آهي. انڊيڪس 190,000 پوائنٽن جي تاريخي بلند سطح تان گهٽجي 166,000 جي ويجهو اچي ويو آهي.صرف هڪ مهيني اندر تقريباً 12 سيڪڙو گهٽتائي ٿي چڪي آهي. گذريل سال اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن 50 سيڪڙو تائين منافعو ڪمايو هو. جولاءِ 2023 کان شروع ٿيل بُل مارڪيٽ ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ان وقت مارڪيٽ لڳ ڀڳ 50 هزار پوائنٽن تي هئي، جيڪا ٽن سالن کان به گهٽ عرصي ۾ لڳ ڀڳ 4.7 ڀيرا وڌي وئي. هزارين نوان سيڙپڪار مارڪيٽ ۾ داخل ٿيا.هاڻي جڏهن 100 انڊيڪس پنهنجي بلند ترين سطح کان 12 سيڪڙو هيٺ اچي ويو آهي ته ڪجهه تجزيه نگار وچ اوڀر جي حالتن کي ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه جو چوڻ آهي ته نون سيڙپڪارن کي ياد رکڻ گهرجي ته “مارڪيٽ هميشه مٿي نه ويندي آهي،مارڪيٽ ڪيپ جي لحاظ کان 100 انڊيڪس ۾ شامل تقريباً سڀئي وڏيون ڪمپنيون متاثر ٿيون آهن، جن ۾ فوجي فرٽيلائزر، يو بي ايل، اينگرو هولڊنگز، ميزان بينڪ، حبڪو، ايڇ بي ايل، او جي ڊي سي، لڪي سيمنٽ، ايم سي بي ۽ ماري انرجيز شامل آهن.تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ٻاڙائي جو ڪو هڪ سبب ناهي. وڏي اضافي کان پوءِ مارڪيٽ کي ٽيڪنيڪل سڌاري جي ضرورت هئي.ان کان علاوه جيوپوليٽيڪل صورتحال،مختلف ڪمپنين بابت منفي خبرونغير ملڪي سيڙپڪارن طرفان شيئرز جو وڪروانهن سڀني عنصرن مارڪيٽ تي دٻاءُ وڌايو.ثنا توفيق (عارف حبيب لميٽيڊ) موجب جنوري جي آخر ۾ جڏهن مرڪزي بئنڪ وياج شرح برقرار رکي ته ان کان پوءِ مارڪيٽ جو رجحان منفي ٿيو.جنوري جي شروعات کان هينئر تائين تقريباً 33 ڪروڙ ڊالر مارڪيٽ مان نيڪال ٿي چڪا آهن.ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي سربراهه محمد سهيل جو چوڻ آهي ته هن ڀيري به ڪو وڏو معاشي ڌڪ سامهون ناهي آيو. گهڻي وڪري جا سبب غير ملڪي سيڙپڪارن جو وڌيڪ نيڪال،ريڪوڊڪ بابت خدشا،ڪمزور ڪارپوريٽ نتيجااسٽاڪ فيوچرز جو دٻاءُ آهن
هي ملڪ اشرافيه لاءِ آهي، مهانگائي، بجيٽ خسارو، غربت، ناانصافي وڌي پئي: قيصر بنگالي
اسلام آباد(عامر ضيا)ناليواري معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته ڀارت چار سال اڳ پنهنجا گهڻا ڪنٽونمنٽ (فوجي ڇانوڻيون) ختم يا سول انتظام هيٺ ڪري ڇڏيا، سندن خيال ۾ هاڻي انهن جي ضرورت نه رهي هئي۔ جڏهن ته پاڪستان ۾ صورتحال ابتڙ آهي، هتي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاهور جو وڏو حصو اڃا تائين ڪنٽونمنٽ علائقن ۾ اچي ٿو۔ پاڪستان ۾ ڪنٽونمنٽس جو اصل مقصد فوجي ضرورتون هئڻ گهرجن، پر هتي انهن علائقن کي ڪاروباري سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هائوسنگ سوسائٽيون، شاپنگ مال، سينما ۽ تجارتي منصوبا قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ملڪ جي مجموعي معيشت وٽ ڪاروبار وڌائڻ لاءِ محدود ذريعا آهن، پر فوجي ادارن وٽ پنهنجا معاشي ۽ ڪاروباري وسيلا موجود آهن، هن چيو ته اسان جي حڪومت جي آمدني آهي تمام گهٽ آهي، جڏهن ته خرچ تمام گهڻا آهن۔ اهو فرق اسان هر سال قرض وٺي پورو ڪريون ٿا۔ هاڻي صورتحال اها ٿي وئي آهي جو قرض ايترو وڌي ويو آهي جو اسان نئون قرض صرف پراڻو قرض واپس ڪرڻ لاءِ وٺون ٿا، هن چيو ته آمدني ته معيشت جي ڦيٿي هلڻ سان ايندي آهي، پر معيشت جو ڦيٿو ته بند ٿي چڪو آهي۔ هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ٽيڪسيشن ناهي، اها ته زبردستي وصولي (ڀتاخوري) آهي۔ ان کي ٽيڪس نٿو چئي سگهجي، هن چيو ته اسان جو قومي مزاج اهو آهي ته هر سول سرونٽ کي، ڀلي هو گريڊ 22 جو ئي ڇو نه هجي، هر ٽن سالن کانپوءِ “ڪيليفورنيا” بڻايو وڃي۔ منهنجو خيال آهي ته هر اعليٰ آفيسر کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اهڙي آباديءَ ۾ رهڻ گهرجي، جتي نه گاڏي هجي، نه فون، ته کين خبر پوي ته عام ماڻهو ڪهڙن مسئلن مان گذري ٿو، هن چيو ته 1992ع ۾ لڳ ڀڳ 90 ڪارخانا پرائيويٽائزيشن هيٺ آيا۔ هڪ سال اندر، ٽن يا چئن کان سواءِ سڀ بند ٿي ويا۔ انهن جي جاءِ تي هائوسنگ ڪالونيون ٺهي ويون۔ سوال اهو آهي ته اسان ڇا پيدا ڪري رهيا آهيون؟ اسان وٽ وڪڻڻ لاءِ ڇا آهي؟ ٻاهرين ملڪن جا وفد صرف ايم او يوز صحيح ڪري فوٽو ڪڍرائي هليا وڃن ٿا، هن چيو ته گذريل 25 سالن کان بجيٽ خسارو ۽ واپاري خسارو لڳاتار وڌندو پيو وڃي۔ قرض ترقي لاءِ استعمال نٿو ٿئي، نه ڪارخانا لڳن ٿانه زراعت، اسڪول، اسپتال، بندرگاهه يا پاڻيءَ تي خرچ ٿئي ٿو، هن چيو ته هاڻي ادارا جهڙوڪ ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ، چين، سعودي عرب، يو اي اي به ٿڪجي پيا آهن۔ ان ڪري حڪومت مهانگا ڪمرشل قرض وٺي رهي آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف سميت سڀ چون ٿا ته آمدني وڌايو، پر جڏهن معيشت ئي بند هجي ته آمدني ڪٿان ايندي؟ ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن، پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ ڇڏي رهيا آهن، گذريل پنجن سالن ۾ لڳ ڀڳ 90 ملٽي نيشنل ڪمپنيون هليون ويون۔ ايف بي آر هر ٽه ماهي ٽارگيٽ پورا نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته پي آءِ اي 10 ارب ۾ وڪڻي، 11 ارب جو نئون جهاز خريد ڪيو ويو۔ اهو سڀ شاهاڻي سوچ آهي، هن چيو ته مان ايريٽريا ۾ ڪم ڪيو اتي ڪنهن وزير وٽ ذاتي گاڏي ناهي، صرف ٽن گاڏين جو پولصدر وٽ به گاڏي فقط مهمانن لاءِ آهي، هي ملڪ اشرافيه لاءِ هلي رهيو آهي، عوام لاءِ نه۔ اسان هڪ عوام دشمن نظام ٺاهيو آهي، هن چيو ته جيستائين سرڪاري خرچ نه گهٽائبا اشرافيه جو مزاج تبديل نه ٿيندو، معيشت کي انساني بنياد تي نه هلائينداسين، تيستائين بجيٽ خسارو، غربت، مهانگائي ۽ ناانصافي وڌندي رهندي۔
پاڪستان ۾ امير، امير تر،غريب ويتر غريب
اسلام آباد(نديم ملڪ)تازو هائوس هولڊ سروي مطابق پاڪستان ۾ هائوس هولڊ آمدني ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، پاڪستانين آنا،تيل،گوشت سميت کاڌي پيتي جي شين ۾ 8 سيڪڙو گهٽتائي آندي آهي،بلڪه چانور ۽ اٽو به کائڻ گهٽائي ڇڏيو آهي،غربت 11 سالن جي بلندترين سطح تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته آمدني ۾ تفاوت جي لحاظ کان ملڪ ۾ امير امير تر ۽ غريب غريب ترين ٿي ويو آهي، اهو فرق 27سالن جي بدترين سطح تي پهچي ويو آهي،ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته 2014ع کان 2024ع تائين هڪ خاندان جي سراسري آمدني گهٽ ٿي آهي،ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته پاڪستانين اٽو ۽ چانور کائڻ به گهٽائي ڇڏيا آهن،ان جو مطلب ته پاڪستان ۾ بک واڪا پئي ڪري،20 سيڪڙو غريب ترين ماڻهو هاڻي 21 سيڪڙو ٿي ويا آهن،هن چيو ته 7 ڪروڙ پاڪستاني 8 هزار رپين جي گهٽ آمدني تي گذارو ڪري رهيا آهن،گذريل 10 سالن ۾ اسان ڪا به ترقي ناهي ڪئي،هن چيو ته دهشتگردي جي ڪري ماڻهو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ نٿا اچن
فائر وال بند،معيشت کي 3 ارب ڊالرن جو نقصان
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) حڪومت طرفان سوشل ميڊيا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لڳايل “فائر وال” منصوبو ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن سبب قومي خزاني کي تقريبن 40 ارب رپيا سڌو نقصان ٿيوگذريل ٽن سالن دوران ملڪي معيشت کي لڳ ڀڳ 3 ارب ڊالر (تقريباً 847 ارب رپيا) جو معاشي نقصان ٿيو،فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي کان اڳ فائر وال کي مستقل طور بند ڪيو ويورپورٽ مطابق انٽرنيٽ جي رفتار متاثر ٿي،لکين فري لانسرز جو ڪم متاثر ٿيو،هزارين آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل ڪمپنين جون سروسز متاثر ٿيون،پرڏيهي آءِ ٽي سيڙپڪاري تي منفي اثر پيواهم سوال آهي ته ڇا ٽيڪنيڪل ناڪامي اڳواٽ جانچي وئي هئي؟40ارب رپين جي خرچ جو آڊٽ ڪير ڪندو؟آءِ ٽي شعبي کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟فائيو جي نيلامي تي هن معاملي جو ڪهڙو اثر پوندو؟
ڪاموراشاهي ۽ عدليه تي ”ڪنٽرول“ باوجود سڌارو نه آيو؟
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي شهزاد پراچا ملڪ جي موجوده معاشي ۽ سياسي صورتحال تي سوال اٿاريو آهي، سندس چوڻ آهي ته پهريان چيو ويندو هو ته بيوروڪريسي ڪم نه ڪرڻ ڏئي ٿي، پوءِ ان تي ڪنٽرول ڪيو ويو۔ پوءِ اهو بيان آيو ته عدليہ ڪم نه ڪرڻ ڏئي ٿي، اهو به 27هين ترميم کانپوءِ ڪنٽرول ڪيو ويو،هن چيو ته ان جي باوجود ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿي رهي، نه ئي امن ۽ امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي۔ پوءِ سوال اهو آهي: ذميوار ۽ قصوروار ڪير آهي؟”
آءِ ايم ايف وفد پاڪستان پهچڻ وارو،عوام لاءِ مشڪلات ۾ واڌ؟
اسلام آباد(ثناءُ الله خان)آئي ايم ايف مالياتي فنڊ جي ٽيم اڄ ٻيهر پاڪستان پهچي رهي آهي، ۽ ڇا پاڪستان جي عوام لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿينديون؟ ان دوري جو بنيادي مقصد پاڪستان جي جولاءِ کان ڊسمبر تائين ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ پاڪستان کي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ آهي.هن وفد جو بنيادي ڪم پاڪستان جي جولاءِ-ڊسمبر ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ، ايندڙ سال جي بجيٽ جون هدايتون، ٽيڪس وصولي، بجيٽ خساري، خرچ، آمدني، نان ٽيڪس روينيو ۽ صوبائي سرپلس وغيره جو تعين ڪرڻ آهي. هڪ اهم ڳالهه آءِ ايم ايف جي ڪرپشن ڊائگنوسٽڪ رپورٽ تي بحث به آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۽ حڪومت ايليٽ-ڪيپچر ٿيل آهي، ٻئي پاسي 21 سالن ۾ بلند ترين بي روزگاري، غربت ۾39 سيڪڙو اضافو ، ۽ بجلي،گئس جا بل ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو سخت مشڪل ۾ آهن.
جهاز بدران پنجاب ۾ اسڪول ۽ صحت مرڪز ٺاهي پئي سگهجيا؟
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جڏهن کان خبر آئي آهي ته پنجاب حڪومت پنهنجي وزيراعليٰ جي استعمال لاءِ هڪ قيمتي لگژري جهاز خريد ڪيو آهي، اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن، جن ۾ محمد زبير، فهد حسين، انصار عباسي وغيره شامل آهن، هن فيصلي تي صحيح طور تنقيد ڪئي آهي۔۽ ڪجهه پي ايم ايل اين جا ماڻهو، جيئن رانا ثناء الله ۽ رانا تنوير، هن فيصلي جي دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪوئي به ڪوڙو بيان نه ڏنو۔ هي هڪ تهذيب يافته بحث رهيو۔پر هاڻي ڪجهه پرو-پي ٽي آءِ يوٽيوب ڪندڙن ذهنيت ۽ عورتن جي خلاف توهين سان ڀرپور شرمناڪ تصويرون پوسٽ ڪيون آهن۔ ان جي سختي مذمت ڪرڻ گهرجي ،صحافي مهر ٽوئيٽ ڪيو آهي ته هڪ جهاز جي قيمت تي 500 ڪلينڪون 500 ڳوٺن ۾ ٺاهي سگهجن ٿيون پنجاب کي 2040 تائين 19 هزار وڌيڪ اسڪولن جي ضرورت آهي. هڪ ڪلاس روم جي قيمت تقريباً 20 لک رپيا آهي. جهاز جي قيمت تي 6 هزار ڪلاس روم يا هڪ هزار کان وڌيڪ مڪمل پرائمري اسڪول ٺاهي سگهجن ٿا. جهاز جي قيمت پنجاب جي سڀني اسڪولن جي کائڻ جي پروگرام جي خرچ کان 11 ڀيرا وڌيڪ آهي
جهاز تي تنقيد دوران ماڻهن پنهنجي اوقات ڏيکاري:عظمي بخاري
لاهور(عوامي آواز نيوز) پنجاب جي وزيرِ اطلاعات عظمیٰ بخاری جهاز واري معاملي تي سخت ردِعمل ظاهر ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جهاز تي تنقيد ڪندي پنهنجي "اوقات ۽ تربيت” ظاهر ڪري ڇڏي آهي. هن سخت لفظ استعمال ڪندي چيو ته هڪ “غليظ جماعت ۽ ذهنيت” معاشري لاءِ ناسور بڻيل آهي.ميڊيا ۽ وڏن اينڪر پرسنز جي صحافتي اقدارن مان به ڪو خاص ردِعمل نظر نه آيو۔ٻئي پاسي، هن پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا پوسٽن جا اسڪرين شاٽ به شيئر ڪيا،هوڏانهن پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي “بدبودار ذهنيت” سوشل ميڊيا تي گند پکيڙي رهي آهي۔ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وزيراعليٰ پنجاب خلاف ڪردارڪشي ڪندڙ عنصر اصل ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو آهن،هن چيو ته مریم نواز شریف خلاف هلندڙ ڪردارڪشي مهم جي قومي ميڊيا کي مذمت ڪرڻ گهرجي
11 ارب جي جهاز تي خاموشي آهي:سهيل آفريدي
پشاور(عوامي آواز نيوز)ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو اهي ته 11 ارب جو جهاز پنهنجي عياشين لاءِ خريد ڪيو وڃي ته ان تي چپ لڳي ٿي وڃي،5300 ارب رپين جي ڪرپشن تي به خاموشي آهي پر خيبرپختونخوا جي حڪومت پنهنجي لاءِ نه عوام لاءِ 4 ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪري ٿي ته واويلا مچي وڃي ٿو ته هي ڇا ٿيو آهي؟ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيو آهي ته معيشت زبون حالي جو شڪار آهي،مهانگائي عام ماڻهو جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي،ترجمان چيو ته هاري بيٺل فصل ساڙي رهيا آهن،قرض وڌي رهيا آهن، قرضن مان حڪمران عياشيون ڪري رهيا آهن
غربت ختم ڪرڻ واري وزير جي سرڪاري رهائش گاهه لاءِ هڪ ڪروڙ 16 لکن جو فرنيچر،سوشل ميڊيا تي تنقيد
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ن ليگ جي غربت ختم واري وزير عمران شاهه جي گهر جي فرنيچر لاءِ سي ڊي اي هڪ ڪروڙ 16 لک رپين جو اشتهار جاري ڪري ڇڏيو آهي،ٺيڪيدارن کان ٻوليون طلب ڪيون ويون آهن،سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان گهڻي تنقيد هلي رهي آهي، احمد وڙائچ لکيو ته غربت ختم ڪرڻ جي وزير جي سرڪاري رهائش گاهه تي هڪ ڪروڙ 16لک رپين سان مرمت ٿيندي،فرنيچر ايندو،ظاهر آهي اهو گهر جهاز وانگر رياست جي ملڪيت آهي،وزير ڪهڙو فرنيچر گهر کڻي ويندو؟هن چيو ته عوام رياست بچائڻ لاءِ ٽيڪس ڏيندو رهي